غلام محمد ساکاڻي

غلام محمد ساکاڻي : غلام رسول مهر پنهنجي تصنيفتاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان دين محمد جي قتل کانپوءِ گهڻي عرصي گذرڻ کانپوءِ آخر شهزادي مڙني اميرن، وزيرن ۽ مشيرن جي صلاح سان ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جي نالي حڪومت جو پروانو موڪليو. هڪ روايت مطابق خواجه حسين خان، حڪومت جو پروانو ’خدايار خان‘ جو خطاب کڻي اچي ميان يار محمد خان سان مليو، ان کانسواءِ شهزادي، خانپور، مير امين الدين خان کي، شڪارپور دائودپوٽن کي ۽ سيوستان غلام محمد ساکاڻيءَ جي حوالي ڪيا. غلام محمد ساکاڻي حڪومتي ڪاروبار سهڻي نموني هلايو. هن جي دور ۾ ڦرلٽ ۽ قتل و غارتگري تمام گهٽ بلڪ اڳ جي مقابلي ۾ نه هئڻ جي برابر هئي. هي انتظامي حوالي سان تمام سخت ۽ ايماندار شخص هو. سيوستان (سيوهڻ) جو حڪومتي نظام غلام محمد ساکاڻيءَ کي سنڀاليندي اڃا ڪجهه عرصو ئي ٿيو ته شهزادي طرفان هڪ فرمان ذريعي بکر ۽ سيوستان جا علائقا به ميان يار محمد جي حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد غلام محمد ساکاڻي سيوهڻ مان هليو ويو.“


لفظ غلام محمد ساکاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو